اقبال ٿيٻو

اقبال ٿيٻو

اقبال ٿيٻو

اقبال ٿيٻو: سنڌ ڄائو مشهور آمريڪي اداڪار اقبال ٿيٻو، 20 ڊسمبر 1963ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق ڪراچيءَ جي گجراتي خاندان سان آهي. مقامي تعليم ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو، جتي اوڪلاهو يونيورسٽي نارمن ۾ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو، تنهنڪري ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ ايڪٽنگ جي ڪلاسن ۾ به داخلا ورتائين. پڙهائيءَ دوران هيءُ يونيورسٽيءَ ۾ فوٽ بال جو به سٺو رانديگر سمجهيو ويندو هو. اداڪاريءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نيويارڪ ويو، جتي ٻن سالن تائين فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ترت ئي پاڻ لاس اينجلس ۾ هليو ويو، جتي اداڪاريءَ جي وڌيڪ تربيت ورتائين. هن اتي به ڪجهه ڪردار ادا ڪيا. جنهن بعد کيس ٽيليويزن ۾ ڪم ملي ويو. هن اداڪاريءَ جي شروعات لاس اينجلس ۾ اشتهاري فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي. هن جي پهرين اشتهاري فلم Warehouse Music Chain هئي، جنهن فلم ۾ پسمنظر ۾ مٿس چرس آئيرڪ جو گانو Wicked game فلمايو ويو. اهو اشتهار مشهور ڪمپني ‘ميڪڊونلڊ’ وارن جو هو. ان کانپوءِ هنAT&T, Subway, Berger king, Sprint,، امريڪن ايڪسپريس، ڪيپيٽل ون، هاليڊي ان، Kelloggs Central، Tostilos، Got Milk ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جي اشتهارن ۾ ڪم ڪيو. هي ڏکڻ ايشيا جو ۽ خاص طور پهريون سنڌي شخص آهي، جنهن آمريڪا جي ڪيترين ئي اشتهاري فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. انهن اشتهاري فلمن سندس لاءِ فلمن ۽ ٽيليويزن جا دروازا کولي ڇڏيا. اقبال ٿيٻي جو وڏي ۾ وڏو ڪم NBC جي پائلٽ ڊرامي Death and Tales ۾ هو. اهو ڊرامو ڪامياب نه ٿيو. پر هن کي اداڪار طور ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪردار ملڻ لڳا. هي 1990ع واري ڏهاڪي جو آمريڪا ۾ مصروف اداڪار هو. هن 1991ع ۾ L.A ٽي وي تي پهريون ڀيرو هڪ پروگرام ڪيو، جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ويو. سندس ڪيترائي شو مشهور ٿيا، جن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن:
Married with children
The George Carlin Show
Half Men, Kitchen Confidential
NIP/ Truck
Arrested Development
Rescanne
JAG
The Chuck
The Tick
The West wing
Children Hospital
Friends
Sister Friends.
هن مشهور ڊرامي Glee ۾ تمام اهم ڪم ڪيو. ان کان سواءِ ‘فئملي ميٽر’ سيريل ۾ به سندس تمام اهم ڪردار هو، جيڪا مزاحيه سيريل هئي، جيڪا ‘فاڪس ٽيليويزن’ طرفان رڪارڊ ڪئي وئي. هن سيريل جي 58 قسطن ۾ ڪم ڪيو.
اداڪار اقبال ٿيٻي HBO ٽيليويزن لاءِ پاڪستاني رٽائر جنرل عذير زمان جي، ملٽريءَ جي ڪردارن تي آڌاريل فلم ۾ به شاندار ڪم ڪيو. هن وقت سندس ٽي وي سيريلز جا سلسلا آمريڪي ٽيليويزن تي هلن پيا. هي واحد سنڌي اداڪار آهي، جنهن آمريڪي ٽيليويزن تي اداڪار طور پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي. سندس فن جو سفر جاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.12.20  عيسوي

سنڌ ڄائو مشهور آمريڪي اداڪار اقبال ٿيٻو، 20 ڊسمبر 1963ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهروز سبزواري
سيف الله ابڙو
دياگير سنت
سترام داس سنت
اياز خليل چنجڻي
جهانگير بدر
بوعلي سينا
راجا بل عرف ابن سومرو
ڀڳت نارو مل
اعجاز حسين چانڊيو حڪيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون